تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ۽ وڪيل برادري طرفان تڪراري ڪئنالن خلاف لڳايل ڌرڻا منصوبو رد ٿيڻ بعد ختم

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ۽ وڪيل برادري طرفان تڪراري ڪئنالن خلاف لڳايل ڌرڻا منصوبو رد ٿيڻ بعد ختم ڪيا ويا آهن. ملير ۾ ڪراچي – ٺٽي قومي شاهراهه تي لڳايل ڌرڻو آل سنڌ لائر ايڪشن ڪميٽي جي فيصلي بعد بار جي صدر ارشاد شر پاران ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن بعد سموريون گاڏيون پنهنجي منزل ڏانهن روانيون ٿي ويون. اوٻاوڙي ۾ وڪيل برادري طرفان سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ ستن ڏينهن کان لڳايل ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو، جنهن بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي. ڏهرڪي ۾ به قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ  ڦاٿل گاڏيون پنهنجي منزل تي روانيون ٿيون. ڪنڌڪوٽ ۾ به ڪئنال رٿا رد ٿيڻ واري فيصلي بعد انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ وڪيل برادري ۽ آل پارٽيز پاران لڳايل ڌرڻو صبح 9 وڳي ختم ڪيو ويو، جنهن بعد بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ڏينهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بحال ٿي وئي. موري ۾ قومپرست تنظيمن پاران قومي شاهراهه تي لڳايل ڌرڻو پاڻمرادو ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون