تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ  سکر، نوابشاهه، گهوٽڪي، ٺارو شاهه،  نصير آباد، مٺياڻي، اڏيري لال، محرابپور، ميان صاحب ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سکر ۾ صحافي جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل خلاف سياسي سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ شهرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

گهوٽڪي ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين  ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران نياز چنا، آزاد مهر، احسان ڪلوڙ، شبير عارباڻي، جبار مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

شهداد ڪوٽ ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن سڪندر لغاري، واحد ڪالاڻي، شاهد اعواڻ، وهاب پندراڻي، ڪرم مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري  ايس ايس پي سکر خلاف نعريبازي ڪئي.

محرابپور ۾شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميهڙ ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قلم ڌڻين پاران سکر ۾ هٿياربندن پاران قتل ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ فقير نواز سومرو، منعيم خان، رمضان خاصخيلي، ريحان آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

سوڀو ديرو ۾ سکر ۾ شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران امداد حسين اوٺي، جمال محمدود کهڙو، لعل ڏنو ملاح، فضل محمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنب ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران شرف الدين تمراڻي، همت علي تمراڻي، صفدر چانڊيو ۽ اوشاق ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي  اڳواڻن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جو قتل آزاد صحافت تي وار آهي، سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون