تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ  حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ميرپورخاص ڊوينز جي ننڍن وڏن شهر ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

گهوٽڪي، شهداد ڪوٽ، محرابپور، ميهڙ، ڪنري، سوڀو ديرو، ڪنب، ڪلوئي، نصير آباد، اڏيرو لعل، مٺياڻي، پڊعيدن، ٺڪراٺي، ميان صاحب ۽ ٻين شهرن  ۾ به شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

ان موقعي تي  اڳواڻن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جو قتل آزاد صحافت تي وار آهي، سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون