تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌرين، صحافين توڙي شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لعلو رائنڪ ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران خالد ٻگهيو، محرم چانڊيو، طفيل مغيري، محمد پنهل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود سکر پوليس صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي گرفتار ناهي  ڪري سگهي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نگران گهرو وزير پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ورتل مهلت به ختم ٿي وئي آهي پر ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون