- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فرزند علي جوڻيجو فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا سلطان ۽ امتياز جوڻيجو زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ڀان سيد آباد ۾ مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ ويٺل اڌڙوٽ شخص وزير چانڊيو فوت ۽ پنج ٻارڙا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي حادثي ۾ فوت ٿي ويل اڌڙوٽ شخص جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
مورو ويجهو قومي شاهراهه سڌوجا وٽ ڳوٺ مزار خاصخيلي واسي حسين خاصخيلي پراسرار طور گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي.
پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته نوجوان حادثي ۾ فوت ٿيو آهي يا کيس قتل ڪري لاش اڇلايو ويو آهي.
سن ۾ 10 ڏينهن اڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل شالماڻي اسٽاپ واسي نعمت الله چانڊيو حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
مختلف روڊ حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -
