سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ليبر يونين پاران مهانگائي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ بدامني خلاف روشن علي جاگيراڻي، ظفر شاهه، مظهر علي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ کان رڪشن تي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
گهوٽڪيءَ ۾ وڪيلن طرفان مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عبدالزاق مهر، مشتاق عباسي، لعل بخش ٽڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
شهدادپور ۾ عوامي تحريڪ پاران مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف رفيق جکرو، عالم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 20 رپيا في لٽر تائين واڌ ڪري مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، عوام سخت پريشان آهي پر حڪمرانن جون عياشيون ختم نٿيون ٿين جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي.
سندن چوڻ هو ته ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي ٿيل آهي، موجوده مهانگائي جي لهر تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.