سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس ۽ پريس ڪلب پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب کان باغ جناح تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي ۽ قلم ڌڻين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ذوالفقار خاصخيلي، امداد مغيري، امتياز جمالي، رفاقت آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ڪيفي شيراز چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
سانگهڙ ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ انجم آفتاب نظاماڻي، اسلم ميمڻ، خدا ڏنو ڪاڇائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
دادو ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ صابر ڀنڊ، دانش خشڪ، نياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ٽنڊو محمد خان ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ غلام نبي ڪيريو، پير احمد سعيد جان سرهندي، مظفر رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪشمور ۾ مختلف ڌرين پاران شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪرپال ڪيسواڻي، غلام فريد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
شهدادڪوٽ ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ فدا حسين ڀٽي، غلام علي مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو سجاڳ فورم پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اقبال ڪوريجو، احمد علي کوکر، عائشه بتول ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ٺري ميرواهه ۾ ميرواهه بچايو تحريڪ پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سٽي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
سيٺارجا ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ رسول بخش سهتو، حنيف رضا لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنب ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب کان مک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
قاضي احمد ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مٺياڻي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ بشير سولنگي، نبي بخش مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڳڙهي حسن ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ارشاد ڪنڊراڻي، محمد حسن کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪامريڊ سرتاج، عرفان منان، نياز حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
پڊعيدن ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مجيب الرحمان، انصاف راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڄام صاحب ۾ صحافين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ رجب سومرو، شاهه محمد شاهه، بشير احمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهپور چاڪر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
باڊهه ۾ شهرين ۽ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جاويد احمد ميمڻ، آمر علي چانڊيو، منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايس ٽي پي پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ فقير علي حسن جانوري، سڪندر کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنري ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪامريڊ رمضان، راجا اسد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪن چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ٿرڙي محبت ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اخلاق احمد چانڊيو، عباد الله منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڦلجي اسٽيشن ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ غلام سرور پنهور، شاهد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
موري ۾ سنڌ سڀا پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ باءِ پاس کان سٽي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
کهڙا ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اقبال ابڙو، عرفان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
کوسڪي ۾ قلم ڌڻين پاران شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ عبدالوهاب خان، عبدالصمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڪنڌرا ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ محبت راڄپر، عبدالحق جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اهتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جهڏو ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته صحافي نصر الله جو قتل هڪ فرد نه آزاد صحافت، شعور ۽ بي پهچ ماڻهن جي آواز جو قتل آهي.
هنن چيو ته نصر الله گڏاڻي هميشه غريبن، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز قلم ذريعي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو.
سندن چوڻ هو ته حق، سچ ۽ مظلومن جو آواز اٿاريندڙ صحافين لاءِ سنڌ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.