لاڙڪاڻي ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌرين طرفان سجاد ڪرٽيو، سهيل لانگاهه، شاهه رخ سنڌي، سفير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪيو ويو.
ڪنڊيارو ۾ جسقم طرفان نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ امداد ڪليري، دانش، شڪيل منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
ٺري ميرواهه ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌرين طرفان لطيف ڏنو شر، وسيم شر، هوش محمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
کهڙا ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران حفيظ الله، حبيب اڄڻ، ڪامريڊ نديم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٽنڊو آدم ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران شهباز ڏيرو، خدابخش، مور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم اي جناح روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪلوئي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مولوي محمد رمضان، ناز نواز بلوچ، مولا بخش بجير، نصر الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ٻانڌي ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران محبوب پنڃارو، عبدالخالق جمالي، مير جاويد ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته افضل لنڊ يونيورسٽي جو شاگرد هو، کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.