تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌرين طرفان سجاد ڪرٽيو، سهيل لانگاهه، شاهه رخ سنڌي، سفير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪيو ويو.

ڪنڊيارو ۾ جسقم طرفان نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ امداد ڪليري، دانش، شڪيل منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ٺري ميرواهه ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌرين طرفان لطيف ڏنو شر، وسيم شر، هوش محمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

کهڙا ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران حفيظ الله، حبيب اڄڻ، ڪامريڊ نديم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽنڊو آدم ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران شهباز ڏيرو، خدابخش، مور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم اي جناح روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڪلوئي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مولوي محمد رمضان، ناز نواز بلوچ، مولا بخش بجير، نصر الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٻانڌي ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران محبوب پنڃارو، عبدالخالق جمالي، مير جاويد ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته افضل لنڊ يونيورسٽي جو شاگرد هو، کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون