سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو، صحافي جان محمد مهر ۽ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ يونين آف جرنلسٽس ۽ پريس ڪلب طرفان صحافي جان محمد مهد جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ معسود سومري، بقا محمد بنگوار، حفيظ ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ممتاز گبول، آڪاش لنڊ، مظفر علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
سيوهڻ ۾ سول سوسائٽي طرفان نينگري فاطمه ڦرڙو، صحافي جان محمد مهر ۽ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ عبدالواحد عمراڻي، علي سنڌي، محبوب اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
نصير آباد ۾ شهرين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ رياض ڦلپوٽي، عاشق نوناري، انور منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.
دريا خان مري ۾ سياسي سماجي ڌرين طرفان صحافي جان محمد مهر، نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
اوٻاوڙي ۾ يونين آف جرنلسٽس پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ مددگارن جي گرفتاريءَ لاءِ عبدالغفار ملڪ، سعيد احمد منگي، اڪرم آرائين ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا فاطما ڦرڙو، صحافي جان محمد مهر ۽ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا.
هنن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ برقرار آهي هر روز ماڻهو قتل ڪيا وڃن ٿا پر افسوس انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
سندن چوڻ هو ته پوليس پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي جنهن سبب سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فاطما ڦرڙو، صحافي جان محمد مهر ۽ نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي………..