تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واهن ۽ شاخن کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل  فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واهن ۽ شاخن کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل  فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. دوداپور ويجهو بيگاري ڪينال کي لڳل گهارو وڌي 150 فوٽ ٿي ويو جڏهن ته ٻن شاخن کي 3 گهارا پوڻ سبب 3 ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. آچر ڏينهن بيگاري ڪئنال کي لڳل گهارو وڌي 150 فوٽ ٿي ويو. بيگاري ڪينال کي لڳل گهاري سبب ڳوٺ مير محمد مڪمل طور ٻڏي ويو ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا. گهاري جو پاڻي ڳوٺ لعل محمد ۽ ڳوٺ سرور ۾ داخل ٿيڻ بعد پاڻي وڌيڪ ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو. ڳوٺ ڄام خان ايري ويجهو تاجا شاخ کي وڌيڪ ٻن مختلف هنڌن تان 15، 15 فوٽن جا گهارا پئجي ويا. شاخ کي گهارا پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو. آچر ڏينهن به تاجا شاخ کي ڳوٺ گهرام بروهي وٽان 30 فوٽ، ڳوٺ لياقت ۽ ڳوٺ مبارڪ بروهي وٽان به 15، 15 فوٽن جا گهارا پيا هئا. شاخ کي گهارا لڳڻ سبب پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو، جڏهن ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو ناهي پهتو. ڳوٺ رندو ملغاڻي وٽان ڪوٽڙي شاخ کي ٻيهر 15 فوٽ جو گهارو پئجي ويو آهي. شاخ کي گهارو پوڻ سبب پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي. تنگواڻي ويجهو ٻن شاخن کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڳوٺ بابل خان کوسو وٽان توج شاخ کي 50 فوٽ گهارو پئجي ويو. شاخ کي گهارو پوڻ سبب ڳوٺ بابل خان کوسو سميت ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا. ڳوٺ ٻانهون سندراڻي وٽان هير الدين شاخ کي 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب شاخن کي گهارا لڳا آهن، جڏهن ته بروقت اطلاع باوجود هن وقت تائين آبپاشي عملو ناهي پهتو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ڪوتاهي ڪندڙ آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
4 %
4.1kmh
10 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون