سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ بعد بجلي جا 214 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب علائقي ۾ بجلي جي فراهم بند ٿي وئي.
سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.
وسڪاري بعد گوليمار، گرم گودي، نئون پنڊ سميت هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
لاڙڪاڻي ۾ وسڪاري انتظاميان جي پت وائکي ڪري ڇڏي، برسات بعد روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.
نوابشاهه ۾ وسڪاري بعد جل ٿيل هڪ ٿي ويو، روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا.
پي ايم سي اسپتال به پاڻي سان ڀرجي وڃڻ سبب مريض ۽ سندن وارث پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.
قمبر ۾ برسات سبب ناڪو روڊ، باگو ديرو، باءِ پاس، شاهي بازار سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
شهداد ڪوٽ ۾ معمولي برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي.
برسات سبب روڊن رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.
دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جڏهن ته گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن زخمي ٿي پيو.
برسات ضلعي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو.
ڳوٺ ڌڻي بخش ڀٽو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عزيز الله ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
نوشهرو فيروز ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.
برسات سبب سول اسپتال ۾ پاڻي ڪاهي پيو.
مٽياري جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
موري ۾ برسات بعد شهري جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
نصير آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.
سيوهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾وسڪاري سبب گرمي جو زور گهٽجي ويو.
ڀٽ شاهه ۾ 10 ڪلاڪن کان جاري وسڪاري بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ 3-3 فوٽ پاڻي بيهجي ويو.
ٺل ويجهو ڳوٺ شاهه دوست بنگلاڻي ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 سالن جي عائشه بنگلاڻي ۽ سندس پوٽو محمود دٻجي فوت ٿي ويا.
ڪوٽڏيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ٻي ڏينهن به وسڪارو جاري آهي، برسات سبب کجين ۽ ووئنڻن جي فصل کي نقصان پهچڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا.
گمبٽ ۾ لڳاتار 14 ڪلاڪن برسات جاري آهي.
برسات جو پاڻي ڀٽائي چوڪ، اسٽيشن روڊ، غريب آباد، پپري روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ بيهجي ويو.
ڪنب ۾ گذريل 48 ڪلاڪن کان جاري برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو، وسڪاري سبب سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.
ڊکڻ ۾ برسات بعد پاڻي روڊ رستن تي بيهجي ويو، جنهن سبب ماڻهو ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.
ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جاري برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.
نوري آباد ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد ڳوٺ علي نواز ڏدر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن ۽ سندس ننهن فوت ٿي ويا.
ٿاڻو بولا خان ۾وقفي وقفي سان جاري برسات ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ ڳوٺن جو شهرن سان زميني رستو ڪٽجي ويو.
دريا خان مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لڳاتار 14 ڪلاڪن کان برسات جاري آهي، جنهن سبب هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.