سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي آهي، ٿر جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ماروئڙن جا چهرا ٻهڪي پيا، علائقو سرسبز ٿي ويو.
ننگرپارڪر، مٺي، نئون ڪوٽ، جاتي ۽ چيلهار ۾ برسات پوڻ سبب ٿر واسين جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون.
ننگرپارڪر ويجهو ڳوٺ هستڙو ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيت سوڍي چانڊيو جون 2 ڍڳيون مري ويون.
ٽالهي ۾ برسات سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو.
ٺٽي ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان 3 ڏينهن اڳ لڳاتار 5 ڏينهن پيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.
برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو، مختلف بيمارين منهن ڪڍيو، چمڙيءَ جي بيماريءَ سبب 200 کان وڌيڪ مريض سول اسپتال مڪلي پهتا، دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي.
تلهار جي مختلف ڳوٺن مان به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، برساتي پاڻي گهرن اندر داخل ٿيڻ سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پڻ پهتو آهي.
برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڳوٺ الهڏنو جوڻيجو، يوسف ٻرڙو، احمد هاليپوٽو، پير فقير محمد شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ملير، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، علائقي واسين پاران وس وارن کان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.
بڪيرا شريف جي وارڊ نمبر 3 جي ڳوٺ صاحب خان جروار مان برساتي نيڪال نه ٿيڻ سبب 4 پورهيتن جا ڪچا گهر ڪِري پٽ پئجي ويا، شهر ۾ تلائن جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي، علائقي واسين طرفان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.
تنگواڻي شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مين مارڪيٽ ۾ گٽر اٿلي پيو، گندو پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پيو، شهرين دڪان بند ڪري ڇڏيا، واپارين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.