تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي آهي، ٿر جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ماروئڙن جا چهرا ٻهڪي پيا، علائقو سرسبز ٿي ويو. ننگرپارڪر، مٺي، نئون ڪوٽ، جاتي ۽ چيلهار ۾ برسات پوڻ سبب ٿر واسين جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون. ننگرپارڪر ويجهو ڳوٺ هستڙو ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيت سوڍي چانڊيو جون 2 ڍڳيون مري ويون. ٽالهي ۾ برسات سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو. ٺٽي ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان 3 ڏينهن اڳ لڳاتار 5 ڏينهن پيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو، مختلف بيمارين منهن ڪڍيو، چمڙيءَ جي بيماريءَ سبب 200 کان وڌيڪ مريض سول اسپتال مڪلي پهتا، دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي. تلهار جي مختلف ڳوٺن مان به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، برساتي پاڻي گهرن اندر داخل ٿيڻ سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پڻ پهتو آهي. برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڳوٺ الهڏنو جوڻيجو، يوسف ٻرڙو، احمد هاليپوٽو، پير فقير محمد شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ملير، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، علائقي واسين پاران وس وارن کان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. بڪيرا شريف جي وارڊ نمبر 3 جي ڳوٺ صاحب خان جروار مان برساتي نيڪال نه ٿيڻ سبب 4 پورهيتن جا ڪچا گهر ڪِري پٽ پئجي ويا، شهر ۾ تلائن جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي، علائقي واسين طرفان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. تنگواڻي شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مين مارڪيٽ ۾ گٽر اٿلي پيو، گندو پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پيو، شهرين دڪان بند ڪري ڇڏيا، واپارين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون