سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهه ۾ هڪ ئي ڌڪ سان 26 رپيا واڌ خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
شهداد ڪوٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن طرفان وهاب پندراڻي، عرس سيلرو، امداد لهر، عبدالستار مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ليبر هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.
تلهار جي شهرين به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران تيل جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ ۾ 26 رپيا واڌ عوام جو دانهون ڪڍي ڇڏيو آهن.
مظاهرين چيو ته پيٽروليم شين ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ سبب عام واهپي جون شيون غريبن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.
اڳواڻن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن، پر حڪومت جي ڪنن تي جوءِ به نٿي چري.
هنن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن گهٽتائي ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي، عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.