سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. حيدرآباد جي سينٽ بوناوينچر اسڪول پولنگ تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو. اين اي 220 تي پ پ اميدوار وسيم راجپوت ۽ ايم ڪيو ايم اميدوار وسيم حسين جي حمايتين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ٻنهي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران فائرنگ سبب خوف حراس پکڙجي ويو. اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز پهچي صورتحال سنڀالي ورتي. ملير جي علائقي پپري ۾ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موري ويجهو اڇي مسجد پرائمري اسڪول ۾ ٻن سياسي پارٽين ۾ جهيڙو ٿي پيو،  فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ غلام، حسين ۽ بلاول زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. مٽياري ۾ ڀاڻوٺ ۽ شاهه محمد ڏاهري پولنگ اسٽيشنن تي پ پ ۽ مسلم ليگ ن ڪارڪن وچ ۾ ڇڪتان تيز ٿيڻ سبب پوليس ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو. فيض گنج ۾ هٿياربندن جي پ پ اميدوار شيراز شوڪت راڄپر جي ڀاءُ مٿان فائرنگ سبب ڇڪتان تيز ٿي وئي. سڪرنڊ  ۾ اين اي 208 ۽ پي ايس 38 جي پولنگ 161 تي ليڊيز پولنگ تي ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. سياسي ڌرين ۾ جهيڙي سبب پولنگ عمل ڪجهه دير لاءِ عارضي طور تي بند ڪيو ويو. پرزائيڊنگ آفيسر طرفان آر او کي فوري طور پوليس ۽ رينجرز موڪلڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون