سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
عثمان شاهه هڙي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڊرائيورن ۽ مزدورن طرفان قدير راجپوت، معشوق ساند، يارمحمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو الهيار روڊ تي رڪشا بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
مظاهرين چيو ته نگران وزيراعظم عهدي جو حلف کڻڻ شرط ئي تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته تيل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.