سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
حيدرآباد ۾ هائيڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سائيلن کي تاريخون ڏئي واپس روانو ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان بدامني، اغوا جي وارداتن ۽ مهانگائي خلاف شوڪت ملڪ، سيف الله مخدوم، اعظم بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري يونيورسٽيءَ جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.
خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري پيشي تي آيل ماڻهن کي تاريخون ڏئي واپس موٽايو ويو.
عمرڪوٽ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري اظهر آرائين، ڀاڳچند ڀيل، گل منير ولهاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
راڻيپور ۾ يونائيٽيڊ لائيرز اينڊ سول سوسائٽي فورم سنڌ ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڊاڪٽر نظير کوکر، ساجد مڱريو، ايڊووڪيٽ شاهد، آصف ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي نعريبازي ڪئي وئي.
ڪنب ۾ پاڪستان هاري مزدور تحريڪ طرفان ملڪ ۾ مهانگائي خلاف امام الدين سومري، ضمير، يعقوب ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪوٽڏيجي ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
اوٻاوڙي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي مهانگائي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري چوڌري شاهد حسين، وڪيل قادر بخش ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سول ڪورٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
چمبڙ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف ارباب علي رستماڻي، صديق سولنگي، محبوب علي لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ بچاڻي پمپ کان اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي، اغوا، قتل، ڦر، چوري ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
سندن چوڻ هو ته مهانگائي ماريل عوام بدامني سبب ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ، مهانگائيءَ تي ضابطو آڻي مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان قائم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.