سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرولين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف سياسي سماجي تنظيمن توڙي شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ڊويزنز جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
سکر ۾ الرٽ سٽيزن پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف الاهي بخش، انيل ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ سماجي اتحاد يوٿ ونگ، سوشل ورڪرز ۽ پورهيتن طرفان بجلي ۽ تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف امتياز شيخ، جهانزيب ڀٽو، بشير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
دادو ۾ بجلي جي ڳرن بلن خلاف چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي واپارين پاران اسٽيشن روڊ، ڪچهري روڊ، نيو چوڪ، سينيما چوڪ سميت اهم ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
قمبر ۾ بئريسٽر ٽيم طرفان قادر چانڊيو، رياض لاکو، استاد اياز جمال چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وارهه ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شيخ ڀرڪيو تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف رڪشا ۽ سوزوڪي ڊرائيورن نصير اوڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ڊکڻ ۾پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف رڪشآ ڊرائيورن دلبر چانڊيو، علي جان سولنگي، وسيم شاهه، ملوڪ چانڊيو، اختر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي رڪشا بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
کپري ۾ بجلي جي ڳرن بلن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف واپارين شٽر بند هڙتال ڪري جاويد عالم قائم خاني، منشي ملڪ، ساونڻ هڱورجو ۽ ٻين جي اڳواڻي م شهيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
جمال شاهه ۾ وفاقي حڪومت پاران تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ٽرانسپورٽرن پاران ميرحسن، سليمان شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري گاڏيون روڊ تي بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
عثمان شاهه هڙي ۾ رڪشا ۽ ڊاٽسن ڊرائيورن جڙيو پٺاڻ، شرافت راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ننگر پارڪر ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پورهيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ٿرڙي محبت ۾ تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پورهيتن پاران حيدر لاشاري، مقصود گوپانگ، حسين ناريجو، انعام کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي چانڊيا چوڪ تي ٿرڻو هنيو.
دوڙ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ٽرانسپورٽرن ۽ شهرين پاران سليم سومرو، کمن سولنگي، محمد حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنري ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، رڪشا ڊرائيورن ۽ شهرين پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڳلي ۾ ميٽر ۽ بل ٽنگي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
محرابپور ۾ تيل ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف شهري محمد اسماعيل نوناري طرفان مٿي تي گيس جو ميٽر رکي ۽ ڳلي ۾ بجلي جو بل ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو.
جاتي، مٺياڻي، نصير آباد، بهرام ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ماڻهن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
مظاهرين چيوته بجلي ۽ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هنن مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ پيٽروليم شين اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.