تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جو ڪيس آئيني عدالت ۾ هلائڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جو ڪيس آئيني عدالت ۾ هلائڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار، سکر بار، ميرپورخاص بار ۽ خيرپور بار جي وڪيلن پاران ڌار ڌار احتجاج ڪري عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بيريسٽر سرفراز ميتلو چوڻ هو ته ڪارونجهر سنڌ جو سرمايو آهي، جبل جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي . ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪرڻ خلاف اڄ ڪراچي بار پاران وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو. عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو ته وڪيلن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ حڪومت سنڌ سرڪار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو چيو ته سنڌ حڪومت آئيني درخواست واپس وٺندي. هن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا، اڄ هو وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندا. عامر نواز وڙائچ وڪيلن کي اپيل ڪئي ته هو احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو 27هين ترميم کي نٿا مڃين ان لاءِ ڪارونجهر جو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ۾ نه هلايو وڃي، سنڌ سرڪار ڪارونجهر بابت وفاقي آئيني عدالت مان ڪيس واپس وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون