سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
قمبر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو.
ڪاٺيا پاڙي ۾ ڇهن ورهين جو يوسف پٽ نصرت تنيو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو.
وارثن نينگر کي بيهوشي واري حال ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نينگر جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محمد يوسف گهر ۾ ٽي وي هلائي رهيو ته بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
شاهپور چاڪر ۾ نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڳوٺ حمير خان ڄاريڪو ۾ احمد خاصخيلي تار ٺاهڻ لاءِ لاءِ ٿنڀي تي چڙهيو ته کيس ڪرنٽ لڳو.
ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
ڳوٺاڻن ۽ پوليس لاش ٿنڀي تان لاهي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان اليڪٽريشن جو ڪم ڪري گذر سفر ڪندو هو تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.