تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت  ٿي ويا.

دادو ويجهو ڳوٺ پريل قمبراڻي ۾ گهر اندر پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان جنيد ولد محمد علي قمبراڻي  بيهوش ٿي پيو.

وارثن نينگر کي کڻائي اسپتال آندو، جتي هو فوت ٿي ويو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

رتيديري ۾ بجلي جي ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو.

گرڊ اسٽيشن پاڙي ۾ ڏهن ورهين جو عبدالرحمان جلباڻي بجلي جي ڪريل تارن ۾ وچڙڻ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پاڙي وارن نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون