تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو، نظر جي حد گهٽجي وئي، ٽريفڪ معطل

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي، ٽريفڪ رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي جڏهن ته ٿڌ ۾ واڌ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. ميرپور ماٿيلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي ۽ ٽريفڪ رواني سخت متاثر رهي. قاضي احمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. موري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقي ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. دريا خان مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب بجلي بند رهي ۽ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. دوداپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي. مانجهند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ رهيو. ڪنڌرا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. گاجي کهاوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ رهيو. گپچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب گيس بند هئڻ ڪري رهواسين سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. نئين ديري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. اڏيري لال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي. خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. موٽر وي پوليس طرفان ڪوهيڙي ۾ گاڏين ۾ فوگ لائيٽون استعمال ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جيئن روڊ حادثن کان بچي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
39 %
1.6kmh
27 %
اڱارو
22 °
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون