تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٻن نينگرن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيو. ڳوٺ ويري ڪولهي ۾ برسات دوران وڄ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 2 نينگر 12 سالن جو نهچل ۽ 13 ورهين جو مولچند ڪولهي فوت ٿي ويا. چوهڙ جمالي ۾ به برسات دوران وڄ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 12 ٻڪريون مري ويون. بدين، ڪڍڻ، ٻهدمي، سيراڻي، لواري شريف، نندو، کوسڪي ۽ سامونڊي پٽي ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو. ساماري  ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات سبب شهري روڊن تي نڪري برسات جو  مزو وٺڻ ۾ مصروف رهيا. ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ۾ چوماسي جي تيز برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. ٽالهي، شير پور نهٽو، نصير چانڊيو، محمد آباد چڪچار سميت ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ چوماسي  جي زبردست وسڪاري سبب گرميءِ جو زور ٽٽي ويو ۽  موسم خوشگوار ٿي وئي. ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. تجل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو  گرمي جو زور ٽٽي ويو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50 %
4kmh
16 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون