تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ مواصلاتي نظام به ڊانوانڊول ٿي ويو. سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. خيرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي. شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪاري بعد گهرن جي ڇتن تي رکيل سولر پليٽون، سائن بورڊ ۽ ڇپرا اڏامي ويا. ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. ٺل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪاري سبب بجلي بند ٿي وئي آهي. ناري تعلقي جي مختلف علائقن نارا گيٽ، زيرو پوائنٽ، مثالي ڳوٺ، کينهواري، تجل ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. گپچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به  وسڪارو ٿيو. ميرو خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي. نصير آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات بعد ڪيترائي ڇپرا ڊهي پٽ ۽ گهرن جي ڇتن تي رکيل سولر پليٽون اڏامي ويون. سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو. ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات بعد بجلي بند ٿي وئي. ڳڙهي خيري ۾ به تيز هوا سان گڏ وسڪاري کان بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. دوداپور ۾ به برسات بعد مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ٿرڙي محبت ۾ به برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. خانواهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو آهي. ميهڙ ۾ به تيز هوا سان گڏ برسات کانپوءِ موسم وڻندڙ ٿي وئي. مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. ٻٻرلوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات بعد کجين جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ سبب آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا. غوثپور ۾ به تيز هوا سان گڏ وسڪارو بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. گپچاڻي ۾ به وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون