سنڌ جي مختلف شھرن ۾ روڊ حادثن دوران عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 9ڄڻا زخمي ٿي پيا.
گھوٽڪي ويجھو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت فوت ٿي وئي، جڏھن تھ نينگر سميت 2ڄڻا زخمي ٿي پيا .
محمدپور باءِ پاس تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت ممتاز ڀيري ٿڏي تي فوت ۽ نينگر غفار ۽ علي نواز ڀيري زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پھچايو.
قاضي احمد ويجھو تيز رفتار ڪار بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ سبب 7ڄڻا زخمي ٿي پيا.
علمدار چوڪ وٽ تيز رفتار ڪار بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ سبب صادق آباد واسي عبدالقدوس ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تھ ڊاڪٽر خرم باجوا، آمنا، زينب، شميلا، بختاور ۽ اويس زخمي ٿي پيا.
پوليس ٽرالر ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي تھ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو
