تازه ترين

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 4ڄڻا زخمي ٿي پيا.

کپري ويجھو رتو موڙ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين ۾ چندن اوڏ، سندس ست ورھين جي ڌيءُ ماڌور ۽ ڪار ڊرائيور شاھنواز جھلڻ شامل آھن، جڏھن تھ زخمي ٿيل سڪينا اوڏ ۽ آصف جھلڻ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو .

جيڪب آباد ۾ معذور نينگري وين ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي .

8ورھين جي نينگري افزا بتول اسڪول وين مان لھندي ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي.

پوليس وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ فوتي نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

واثن موجب، نينگري افزا بتول ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگھھ کان محروم ھئي .

سن واسي پرائمري استاد محمد حسن سومرو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

وارثن ٻڌايو تھ استاد محمد حسن سومرو ڪراچي وڃي رھيو ھو، رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو پر ھن دم ڏئي ڇڏيو.

قاضي احمد ويجھو ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ شاگرد فوت ۽ ٻھ شاگرد زخمي ٿي پيا.

لاکاٽ موري وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ شاگرد ٿڏي تي دم ڏنو، جڏھن تھ ٻھ شاگرد زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمي شاگردن کي اسپتال منتقل ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون