تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن  ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڦير ڦار خلاف جي يو آءِ پاران احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف علائقن  ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڦير ڦار خلاف جي يو آءِ پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

حيدرآباد ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران تاج محمد ناهيون جي اڳواڻي ۾ واڌو باءِ پاس پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ميرپورخاص ۾ عام چونڊن دوران مبيان ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولانا حفيظ الرحمان فيض، قاري محمد قاسم، مفتي زبير احمد، مولانا فيصل شڪور ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽول گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.

جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، حماد الله انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو.

شڪارپور ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولوي مشتاق احمد سهندڙو، مولانا غلام قادر بروهي، ايڊووڪيٽ زاهد پهوڙ، محمد طيب ميکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندن چورنگي وٽ ڌرڻو هنيو.

دادو ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولوي غلام حسين چنا، شاهنواز خشڪ، مولوي منظور احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

مٽياري ۾ به عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن پاران سارنگ مڱواڻو، سليم سنڌي، امير بخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

سانگهڙ ۾اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مٺي ۾ اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪن پاران عزيز الله ساند، رب ڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦانگاريو اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.

عمر ڪوٽ ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولانا يعقوم نعماني، عمران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

موري ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

غوثپور ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولانا شمس دين ڀيري، مولوي ڪفايت الله ۽ مولانا جمالدين اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻِي ۾راجا بجاراڻي لاڙي وٽ ڌرڻو هنيو.

لکي غلام شاهه ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٻٻر لوءِ ۾ اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن پاران قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٽنڊي باگي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مولوي عبدالواحد فاروقي جي اڳواڻي ۾ بدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

سڪرنڊ  ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف مولانا عبدالقيوم چنا، قربان ڪلر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو.

نصير آباد ۾ به جي يو آءِ ڪارڪنن پاران قاري محمد عثمان مغيري، مولوي ياسين ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

مانجهند ۾ به جي يو آءِ ڪارڪنن پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف مولانا سڌير احمد رند، شاهجهان کوسو، عڪاشا عباسي، مولانا علي گل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کاڻوٽ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڌانڌلي ذريعي جي يو آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪري چور عوام مٿان مڙهيا ويا آهن، جنهن خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون.

هنن چيو ته ڌانڌلي ۾ آر او سميت ٻيا سرڪاري آفيسر ملوث آهن، عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري جي يو آءِ اميدوارن کي شڪست ڏني وئي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون