تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ واهن ۽ شاخن کي ڌار ڌار گهارا لڳڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ واهن ۽ شاخن کي ڌار ڌار گهارا لڳڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

دودا پور ويجهو  ڳوٺ نواز مگسي ۽ ڳوٺ رحيم بخش بروهي وٽان لعل شهباز شاخ کي 15-15 فوٽ گهارا پئجي ويا.

گهارا پوڻ سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

غوثپور ويجهو بي ايس فيڊر جي بند کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي.

ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾بي ايس فيڊر جي لوپ بند کي ڳوٺ علي بخش اوڳاهي وٽان گهارو پئجي ويو.

گهارو پوڻ سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جو عملو گهاري  واري هنڌ ناهي پهتو، پاڻي ڳوٺن طرف وڌي رهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بي ايس فيڊر جي لوب بند کي لڳل گهارو بند ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون