تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت چار ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا.

اسلام ڪوٽ ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب پاڪ رينجرز جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻه اهلڪار فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ آڏي جو تڙ ويجهو حادثي ۾ رينجرز اهلڪار شاهد ڪنڀر ۽ ابراهيم راهمون فوت ٿي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل رينجرز جي اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ رينجرز جا 25 اهلڪار سوار هئا، گاڏي نينگر پارڪر کان اسلام ڪوٽ اچي رهي هئي ته ڳوٺ آڏي جو تڙ ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي.

هوڏانهن گمبٽ ويجهو قومي شاهراهه تي مزدا جو ٽڪر لڳڻ سبب چوٿين ڪلاس جو شاگرد فوت ٿي ويو.

درگاهه ريجهه علي شاهه چوڪ وٽ حادثي ۾ نينگر مزمل کهڙو فوت ٿي ويو.

اطلاع تي موٽروي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

کور واهه ويجهو بچل واٽر لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو.

ڳوٺ گل مير شاهه وٽ حادثي ۾ 16 سالن جو محمد موسيٰ موقعي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون