تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.

جيڪب آباد ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پيرسن عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس مڙس ۽ ننهن زخمي ٿي پيا آهن.

نادر آفيس سامهون حادثي ۾ عورت رفيقان ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته عبدالڪريم ۽ الله ورائي زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي  ڪيو ويو.

عثمان شاهه هڙي  ويجهو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ گولو مير جت جو رهواسي جڙيو ميرجت زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ٽي ڏينهن اڳ شهر جي مک روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ڳوٺ گولو مير جت جو رهواسي زخمي ٿي پيو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون