سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 35 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
نوري آباد ويجهو موٽروي تي ٽرالر ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
روڊ حادثي ۾ مسمات مهتاب سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ مسمات طيبه، آصفه، آريا، بابرا، قمر علي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا.
روهڙي ڀرسان ڪنڌرا اوور هيڊ برج وٽ ٻن ڪوچز ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 25 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال روهڙي ۽ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي.
حادثي ۾ فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي جڏهن ته زخمين ۾ ظفر، عبدالغفور، مدثر، فارس حبيب، محمد صفدر، محمد بلال، مسمات شهناز ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار هڪ ڪوچ ڪراچي کان پنجاب ۽ ٻي پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي.
غوثپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي قمبراڻي لاڙي وٽ ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب لوڊر رڪشا جو ڊرائيور نوجوان واحد بخش بهلڪارڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
موقعي تي موجود ماڻهن نوجوان جو لاش کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو…..