سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾جسقم، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
خيرپور ۾ ناٿن شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي نيلامي خلاف سومر چانڊيو، اختر مشوري، فقير علي حسن، عبدالعزيز کوهارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
مٽياري ۾ عوامي تحريڪ جي سنڌ تي ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف ماجد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف جسقم جي جي سڏ تي ڪارڪنن پاران فقير رمضان ڪلوڙ، محمد حنيف سومرو، وحيد سنڌ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ڏهرڪي ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي تراب علي شر، محبت سميجو، اختر علي سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺل ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پاران ڪارونجهر جي نيلامي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪوٽڙي ۾ جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
سيوهڻ ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف جسقم جي سڏ تي محمد امين بڙدي، طارق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ڪنڍيارو ۾ جسقم ڪارڪنن هارون ڪلهوڙو، امداد ڪلير، مجيب اڄڻ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ٽائون ڪميٽي آفيس کان اسٽار چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ڏوڪري ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن پاران رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، عزيز جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪري مظاهرو ڪيو ويو.
دوڙ ۾ ڪارونجھر جبل جي نيلامي خلاف جسقم ڪارڪنن پاران محبوب علي خاصخيلي، سعيد خاصخيلي، رحيم سنڌي، راشد سنڌي، منتظروڳڻ، اياز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ڦلجي اسٽيشن ۾ جئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌجي قدرتي سونهن ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنري ۾ جسقم جي سڏ تي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف رمضان خاصخيلي، شاهنواز باغي، همير سنڌي، مير نواز سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف نسيم احمد پلهه، مير محمد منگي، احسان علي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
ٻانڌي، نبي سر روڊ، گولاڙچي، پنگريو، ڪڙيون گنهور، ٽنڊو باگو، ڳڙهي حسن ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪارونجهر سنڌ جو قديمي ورثو آهي، جنهن کي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ نيلامي ڪري آهي.
هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪرڻ تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي.
اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪيا آهن.
هنن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن قديمي ماڳ ڪارونجھر جبل کپائڻ لاءِ نيلامي جو اشتهار جاري ڪيو آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
مظاهرين چيو ته هو سنڌ جي حڪمرانن جا ناپاڪ منصوبا ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن جا حقيقي وارث سنڌي ماڻهو آهن.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته هو سنڌ جي حڪمرانن کي واضح پيغام ڏين ٿا ته قديمي ماڳ ڪارونجھر جي نيلامي کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.