تازه ترين

سنڌ جي ناليوارن قانوندان شهاب اوستو تڪراري چولستان ڪئنال کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جي ناليوارن قانوندان شهاب اوستو تڪراري چولستان ڪئنال کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ساڃاه وندن رٿا کي رد ڪندي ان کي سنڌ لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي سنڌ سرڪار کي معاملو بنادير  وفاق سرڪار آڏو کڻڻ جي صلاح آهي.

سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ناليواري قانوندان شهاب اوستي         چيو ته هي رٿا آئيني، قانوني، سياسي توڙي معاشي طور سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي.

هن چيو ته هن ئي حڪومت ۾ هي حڪمران ڪالاباغ ڊيم به ٺاهيندا.

ناليواري تجزئي نگار نصير ميمڻ چيو ته پ پ بنادير رٿا خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرائي ۽ مرڪز ۾ نواز ليگ سان ڳالهائي.

مير مظهر ٽالپر چيو ته هي پي پي سرڪار جي وفاق کي خط لکڻ جو نه پر سنڌ جي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.

هن چيو ته سنڌ جا حڪمران وزارت عظميٰ جو عهدو وٺڻ لاءِ خط اهو ڪينال وارو ڪم به ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر سنڌ جا ماڻهو پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا.

مير مظهر ٽالپر چيو ته سنڌ ٽي وي کي جس هجي جنهن هميشه انهن اهم اشوز کي کنيو آهي ۽ هينئر به آواز اٿاري رهي آهي

پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته چولستان ڪينال سڄو سال وهائيندا، اهو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو .

هن چيو ته سنڌ جون سموريون اهم پارٽيون 18 آڪٽوبر کان ڪينالن خلاف بيداري مهم شروع ڪري رهيون آهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون