تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي ناليوارن قانوندان شهاب اوستو تڪراري چولستان ڪئنال کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي ناليوارن قانوندان شهاب اوستو تڪراري چولستان ڪئنال کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ساڃاه وندن رٿا کي رد ڪندي ان کي سنڌ لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي سنڌ سرڪار کي معاملو بنادير  وفاق سرڪار آڏو کڻڻ جي صلاح آهي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ناليواري قانوندان شهاب اوستي         چيو ته هي رٿا آئيني، قانوني، سياسي توڙي معاشي طور سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي. هن چيو ته هن ئي حڪومت ۾ هي حڪمران ڪالاباغ ڊيم به ٺاهيندا. ناليواري تجزئي نگار نصير ميمڻ چيو ته پ پ بنادير رٿا خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرائي ۽ مرڪز ۾ نواز ليگ سان ڳالهائي. مير مظهر ٽالپر چيو ته هي پي پي سرڪار جي وفاق کي خط لکڻ جو نه پر سنڌ جي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران وزارت عظميٰ جو عهدو وٺڻ لاءِ خط اهو ڪينال وارو ڪم به ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر سنڌ جا ماڻهو پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا. مير مظهر ٽالپر چيو ته سنڌ ٽي وي کي جس هجي جنهن هميشه انهن اهم اشوز کي کنيو آهي ۽ هينئر به آواز اٿاري رهي آهي پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته چولستان ڪينال سڄو سال وهائيندا، اهو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو . هن چيو ته سنڌ جون سموريون اهم پارٽيون 18 آڪٽوبر کان ڪينالن خلاف بيداري مهم شروع ڪري رهيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون