- Advertisement -
سنڌ جي ناڻي کاتي آڪٽراءِ ضلع ٽيڪس شيئر مد ۾ مڪاني حڪومتن لاءِ 4 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ جا ملازم به ڇھن ٽائونن ۾ ضم ڪيا ويا، ملازمن کي هاڻي پگهارون به ٽائون ادا ڪندا.
ڇھن ٽائونن ۾ جناح، چنيسر، گلشن اقبال، صفوران، لياري ۽ صدرٽائون شامل آهن.
فنڊن مان 9 ڪروڙ 93 لک رپيا بجلي بلن جي بقايا مد ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي
45 ٽائون ۽ تعلقي ميونسپل ڪميٽين کي 3 ارب 9 ڪروڙ 75 لک رپين جا فنڊ به جاري ڪيا ويا آهن.
يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي هڪ ارب 10 ڪروڙ 84 لک رپيا به جاري ڪيا ويا
مڪاني ڪائونسلن جي فنڊن مان به 11 لک 62 هزار رپيا بجلي بلن جي مد ۾ بقايا ڪٽوتي ڪئي وئي.
مجموعي طور هڪ هزار 109 يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن، ڪراچي جي ست، بدين، حيدرآباد، گھوٽڪي ۽ دادو سميت ٻين ضلعن کي رقم جاري ڪئي وئي.- Advertisement -
