- Advertisement -
سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ڪنهن به قسم جي جلوس ۽ احتجاجي مظاهرن تي پابندي هوندي .
سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز جو چوڻ هو ته قلم 144 لاڳو سبب سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران جلسن ۽ جلوسن تي پابندي آهي، سنڌ اسيمبلي جي چوڌاري سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي .
هن چيو ته ڪنهن به قسم جي شرپسندي ۽ غيرقانوني مظاهرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي .
سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ عوام، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ سهڪار کي يقيني بڻائي.- Advertisement -
