سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اورنج لائن کي گرين لائن ۾ ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ارونج لائن تي 20 بسون هلن ٿيون ۽ روٽ 3 ڏهائي 88 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، اورنج لائن جي گرين لائن ۾ انضمام سان 25 هزار رائڊر شپ ٿي ويندي، اورينج لائن جي هن وقت روزانو 3 هزار ۽ گرين لائن جي 55 هزار رائيڊر شپ آهي.
نگران وڏي وزير گرين لائن جي رائيڊر شپ کي فيڊر روٽ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، فيڊر روٽ شامل ٿيڻ بعد گرين لائن جي رائيڊرشپ 2 لک روزانو ٿي ويندي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اورينج لائن کي گرين لائن ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري به ڏني.
وڏي وزير کي ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت به بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪي سي آر پراجيڪٽ کي سي پيڪ تحت چين فنانس ڪندو، ڪي سي آر پراجيڪٽ تي ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني عمل ڪندي، ڪراچي سرڪلر ريلوي روٽ 43 ڪلوميٽر آهي، ڪي سي آر 2016ع ۾ سي پيڪ تحت منظور ڪيو ويو.
وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪي سي آر جا دستاويز مڪمل ڪيا وڃن، آڪٽوبر ۾ هو ڪي سي آر پراجيڪٽ منظور ڪرائيندا ته اها وڏي ڪاميابي هوندي.