تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عمارتن جا نقشا منظور ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عمارتن جا نقشا منظور ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي سندس چوڻ آهي ته 17 آگسٽ کان اڳ هر مهيني ڪيترين عمارتن جا نقشا منظور ڪيا ويندا هئا ۽ هاڻي ڪيترا پاس ڪري رهيا آهيو، هر مهيني ڪيتريون عمارتون سيل ڪندا هئا ۽ هاڻي ڪيتريون سيل ڪيون آهن؟ شڪايتون اچي رهيون آهن ته  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي نقشا پاس ڪرڻ جي ڪم کي پينڊنگ ڪندي رهي آهي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عمارتن جا نقشا منظور ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته 17 آگسٽ کان اڳ هر مهيني ڪيترين عمارتن جا نقشا منظور ڪيا ويندا هئا ۽ هاڻي ڪيترا پاس ڪري رهيا آهيو اهو به ٻڌايو وڃي ته هر مهيني ڪيتريون عمارتون سيل ڪندا هئا ۽ هاڻي ڪيتريون سيل ڪيون آهن؟.

سندس چوڻ هو ته شڪايتون اچي رهيون آهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي نقشا پاس ڪرڻ جي ڪم کي پينڊنگ ڪندي رهي آهي، سب رجسٽرار آفيس ۾ 17 آگسٽ کان پهريان هر مهيني مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪيتريون رجسٽريز ڪندا هئا ۽ هاڻي ڪيتريون ڪري رهيا آهن، بورڊ آفي ريوينيو به رپورٽ پيش ڪري.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته شڪايتون ملي رهيون آهن ته سب رجسٽرار آفيسن به رجسٽريز جو ڪم سست ڪري ڇڏيو آهي.

نگران وڏي وزير پوليس موبائل ۽ سرڪاري گاڏين جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعليٰ جي ترجمان چيو ته نگران وڏي وزير پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن کي پنهنجي گاڏين جا لاڪ بڪ مينٽين ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته لاڪ بڪ ۾ ۾ لکيو وڃي ته گاڏي ڪيڏانهن وئي هئي ۽ ڪهڙي ڪم سان وئي هئي، گاڏي جنهن سرڪاري ڪم سان وئي هئي ان جو فاصلو ڪيترو هو ۽ ڪيترو پيٽرول خرچ ٿيو، ڪيترن ڪلو ميٽرن بعد گاڏي جو آئل ۽ فلٽر تبديل ٿيندو آهي.

نگران وڏي وزير چيو ته سموريون رپورٽون 17 آگسٽ کان اڳ ٽن مهينن ۽ ان بعد هر مهيني جي حساب سان هڪ هفتي اندر سي ايم سيڪريٽريٽ اماڻيون وڃن.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي هدايت تي وزيراعليٰ هائوس جي عوامي شڪايت سيل کي 24 ڪلاڪ متحرڪ ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير چيو ته پبلڪ ڪمپلين سيل 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ حاضر آهي، ڪنهن به سرڪاري آفيس جو ڪم نه ڪيو وڃي ته ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هن چيو ته رشوت جو مطالبو ڪندڙن سرڪاري ملازمن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي پبلڪ ڪمپلين سيل پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سي ايم هائوس ڪمپلين سيل کي هن وقت تائين 747 شڪايتون مليون آهن، 486 شڪايتون حل ڪيون ويون آهن ۽ 260 شڪايتن تي ڪم جاري آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
42 %
2.3kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون