تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ اڃا ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي : مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ اڃا ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي، اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر ڪنهن نالي تي اتفاق ٿيڻ جو امڪان آهي، وفاقي سرڪار سان ٽن اسپتالن جي منتقلي بابت معاهدو ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار ايڊوانس ۾ ٽن مهينن جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، ٽن مهينن کانپوءِ واپس اچي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪيو ويندو.

ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ڪيترائي ڪم ڪري رهيا آهن، اعظم بستي ۾ زيبسٽ يونيورسٽي سان گڏ ٽيڪنيڪل اسڪول شروع ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪم رڳو تنقيد ڪرڻ هوندو آهي، کين ڪم ڪرڻ وارا گهرجن، هو ٽن مهينن جو ڪم ايڊوائنس ۾ ڪري وڃي رهيا آهن، ٽن مهينن بعد واپس اچي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار سان ٽن اسپتالن جي منتقلي بابت معاهدو ٿي ويو آهي، هلندڙ هفتي جناح، ڪارڊيو ۽ اين آءِ سي ايڇ صوبي وٽ اچي ويندا.

هن چيو ته هن وقت تائين سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ ڪوبه نالو فائنل ناهي ٿيو، هو نگران سيٽ اپ لاءِ پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ به نگران سيٽ اپ لاءِ اپوزيشن سان صلاح مشورا ڪري، اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر ڪنهن نالي تي اتفاق ٿيڻ جو امڪان آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
13 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
25 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون