تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي نگران ڪابينا ماڙي جلباڻي سانحي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي نگران ڪابينا ماڙي جلباڻي سانحي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جي نگراني لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته  غير قانوني پرڏيهين جي واپسي يقيني بڻائي وڃي،  غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ هر ممڪن فنڊن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ   ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا کي غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت غيرقانوني پرڏيهين کي پهرين نومبر کان پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاني ۽ جيڪب آباد مان غيرقانوني پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو پلان تيار آهي. نگران وڏي وزير چيو ته هو چاهن ٿا ته پناهگيرن جي واپسي بهتر انداز ۾ ٿئي، ان لاءِ  فنڊ فراهم ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ ناڻي، ٽرانسپورٽ ۽ جي ايَ جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي، اها ڪميٽي پناهگيرن جي واپسيءَ تي ٿيندڙ خرچن جي نگراني ڪندي. نگران حڪومت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ 4 بلين رپين جي رقم پڻ مقرر ڪري ڇڏي. وڏي وزير پوليس کي ضلعي انتظاميا سان گڏ متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ ڪابينا سنڌ جي نگران ڪابينا ماڙي جلباڻي سانحي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فوتين جي وارثن کي 80 لک ۽ زخمين کي 20-20 لک ڏنا  ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون