تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي نگران گهرو وزير جلد سنڌ اندر وڏي آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي ۾ هندو برادري جي ڌرڻي ۾ مظاهرين سان ڳالهين دوران سنڌ جي نگران گھرو وزير 12 ڪلاڪن اندر ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هندو برادري جي جي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ اقليتي مارچ جي منتظيمن طرفان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ هندو برادري جي مبينا اغوا ڪاري خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪري ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.

نگران صوبائي گھرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، اڳوڻي ايم اين اي ڪشمور شبير بجاراڻي ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين جي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو.

نگران گهرو وزير حارث نواز مظاهرين کي ٻن مغوين جي بازياني جي اطلاع ڏيندي وڌيڪ مغوين کي 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ اغوا ڪارن کي ڀنگ جي رقم ڏني آهي انهن کي حڪومت طرفان رقم ادا ڪئي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
55 %
4.7kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون