- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير کي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏني.
آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس اسٽيشن بي سيڪشن سکر جي ڪاروباري برادري لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم پوليس اسٽيشن آهي.
هن چيو ته سکر جون وڏيون مارڪيٽون بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ اچن ٿيون، ان کان اڳ بي سيڪشن پوليس اسٽيشن شاهي بازار ويجهو واقع هئي، جتي رش هجڻ ڪري عوام کي رسائي ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون هيون.
هن ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي کي موچي بازار ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن بعد ان کي موچي بازار منتقل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته سکر ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ ڪيس حل ڪرڻ جي شرح 81 سيڪڙو رهي، جڏهن ته 30 پوليس مقابلا ٿيا جنهن ۾ 6 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿيا.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ بهتر ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، ماڊل پوليس اسٽيشن آباد جو افتتاح به تازو ئي ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪميونٽي پوليسنگ کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پوليس ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو ته اقليتن، ٻارن ۽ عورتن تي ڪو به ظلم برداشت نه ڪيو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت منشيات جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني پوليس اسٽيشنن کي بهتر بڻائي رهي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته پوليس اسٽيشنن ۾ شڪايتن جي رجسٽريشن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪئي وڃي.- Advertisement -
