تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾  بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو افتتاح  ڪري ڇڏيو.

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾  بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو افتتاح  ڪري ڇڏيو. سنڌ جي  وڏي وزير کي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏني. آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس اسٽيشن بي سيڪشن سکر جي ڪاروباري برادري لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم پوليس اسٽيشن آهي. هن چيو ته سکر جون وڏيون مارڪيٽون بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ اچن ٿيون، ان کان اڳ بي سيڪشن پوليس اسٽيشن شاهي بازار ويجهو واقع هئي، جتي رش هجڻ ڪري عوام کي رسائي ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون هيون. هن ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي کي موچي بازار ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن بعد ان کي موچي بازار منتقل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سکر ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ ڪيس حل ڪرڻ جي شرح 81 سيڪڙو رهي، جڏهن ته 30 پوليس مقابلا ٿيا جنهن ۾ 6 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿيا. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ بهتر ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، ماڊل پوليس اسٽيشن آباد جو افتتاح به تازو ئي ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪميونٽي پوليسنگ کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پوليس ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اقليتن، ٻارن ۽ عورتن تي ڪو به ظلم برداشت نه ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت منشيات جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني پوليس اسٽيشنن کي بهتر بڻائي رهي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته پوليس اسٽيشنن ۾ شڪايتن جي رجسٽريشن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون