سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بورڊ آف روينيو کي اوڳاڙيون بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته بورڊ آف روينيو پنهنجون اوڳاڙيون بهتر ڪري، هو ڪنهن به صورت ۾ هي گهٽ اوڳاڙيون قبول نه ڪندو.
ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بورڊ آف روينيو جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي، ميمبر بورڊ آف روينيو عباس بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير بورڊ آف روينيو جي اوڳاڙين جو جائزو ورتو.
ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي پڌي وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بورڊ آف روينيو کي گذريل ٽن ورهين ۾ هڪ لک 640 ملين رپيا اوڳاڙي ڪرڻي هئي، پر بورڊ 48 هزار 526 ملين رپيا اوڳاڙي ڪئي، گهٽ اوڳاڙين سبب 52 هزار 114 ملين رپين جو شارٽ فال ٿيو آهي.
هن چيو ته بورڊ آف روينيو کي سال 24-2023ع جي 9 مهينن ۾ 2 هزار 723 ملين رپين جي اوڳاڙي ڪرڻي هئي، بورڊ رڳو هڪ هزار 220 ملين رپيا اوڳاڙي ڪئي جيڪا 44 ڏهائي 82 سيڪڙو ٿئي ٿي.
وڏي وزير مراد علي شاهه بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته بورڊ آف روينيو پنهنجون اوڳاڙيون بهتر ڪري، هو ڪنهن به صورت ۾ هي گهٽ اوڳاڙيون قبول نه ڪندو.
بورڊ آف روينيو زراعت ٽيڪس، لينڊ روينيو، زمينن جي ٽرانسفر ۽ اسٽيمپ ڊيوٽيز جي اوڳاڙي ڪندو آهي، سال 24-2023ع جي 9 مهينن جي اوڳاڙي ۾ زراعت انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 2 هزار 723 بدران هڪ هزار 220 ملين اوڳاڙي ڪئي وئي جيڪا 44 ڏهائي 82 سيڪڙو ٿئي ٿي.
رجسٽريشن ٽيڪس ۾ 990 ملين رپين جي ابتڙ 224 ملين رپين جي اوڳاڙي ٿي جيڪا 24 ڏهائي 60 سيڪڙو بڻجي ٿي.
لينڊ روينيو ۾ 914 ملين رپين مان 208 ملين رپيا اوڳاڙي ڪيا ويا جيڪي 22 ڏهائي 78 سيڪڙو ٿين ٿا.
اسٽيمپ ڊيوٽي ۾ 36 هزار 787 ملين رپين جي ابتڙ 12 هزار 229 ملين رپيا اوڳاڙي ٿي جيڪا 33 ڏهائي 24 سيڪڙو بڻجي ٿي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پراپرٽي ٽرانسفر ۾ گهٽتائي ٿيڻ سبب اسٽيمپ ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي بورڊ آف روينيو جو اجلاس ڪوٺائڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي.