تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اي گورننس سسٽم بابت اهم اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اي گورننس سسٽم بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي نور احمد سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سيڪريٽريٽ سطح تي سمورن کاتن کي ڊجيٽل سسٽم سان ڳنڍيو وڃي، اي گورننس ذريعي پيپر ليس سسٽم ٺاهيو وڃي ته جيئن اي اپروول ٿئي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سمورا کاتا پنهنجي ڊپارٽمينٽ اندر اي سسٽم شروع ڪن، ٻئي مرحلي ۾ کاتن کي چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ سان ڳنڍيو وڃي، جنهن بعد ٽئين مرحلي ۾ سمورن کاتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو وڃي، آخري مرحلي ۾ سمورن سيڪريٽريٽ کي سي ايم سيڪريٽريٽ سان ڳنڍيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه، سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي نور احمد سمون کي مختلف تجويزون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي نور احمد سمون چيو ته اي سسٽم کي تيار ڪري وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري، وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته هو مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر آفيسن کي اي سسٽم ۾ شامل ڪري رهيو آهي، سکر جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو نظام ڊجيٽل ڪيو ويو آهي، سکر ۾ ڊوميسائل، زمين جي منتقلي ۽ هائير شپ سرٽيفڪيٽ کي ايپ تي اپلاءِ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته سکر جي ڊجيٽل سسٽم جي ڪاميابي جي نگراني ڪري رهيا آهن، سکر ۾ اي سسٽ۾ جي ڪاميابي سان اهو ئي سسٽم ٻين ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اي گورننس سان ڪم بهتر ٿيندو ۽ بروقت ٿيندو، ڪوبه فائل جمع ڪرڻ جو وقت ۽ تاريخ به رڪارڊ ٿي ويندي، سٺي گورننس لاءِ ٽيڪنالاجي جو فائدو کڻڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
54 %
1.9kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون