سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پنجاب جي 11 نون انڊر ٽريننگ اسسٽنٽ ڪمشنرن ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندن ملڪ کي سڀ کان سٺي سرڪاري مشينري جي ضرورت آهي، هي مهارت جو دور آهي، هاڻي سول سروس ۾ به مهارت گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پنجاب جي 11 نون انڊر ٽريننگ اسسٽنٽ ڪمشنرن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير پاران نون اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سنڌ اچڻ تي ڀيلڪار چيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هي اوهان جي تربيتي پوسٽنگ آهي، تربيت دوران اوهان کي عهد ڪرڻو آهي ته عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. هن چيو ته سندن ملڪ کي سڀ کان سٺي سرڪاري مشينري جي ضرورت آهي، کيس اميد آهي ته اوهان جي سول سروس ۾ شموليت سٺو اضافو ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي مهارت جو دور آهي، هاڻي سول سروس ۾ به مهارت گهرجي. وڏي وزير نون اسسٽنٽ ڪمشنرن سان کلي ڪري سندن ڪيريئر، مستقبل ۽ مقصدن بابت ڳالهيون ڪيون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون