- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه سال اڳ هنن يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون، ترميمن تحت وائس چانسلرن جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽي قائم ڪئي.
هن چيو ته سرچ ڪميٽي وائس چانسلرن لاءِ ٽي نالا ڳولي موڪليندي آهي، وڏو وزير هڪ جي چونڊ ڪري وائس چانسلر مقرر ڪندو آهي، جڏهن ته اٺن سالن دوران 39 وائس چانسلر مقرر ڪيا ويا آهن، ڪجهه وي سي خلاف هيسائڻ جا الزام لڳا پر کين ڪڍي نه سگهيو.
هن چيو ته هڪ وي سي کي ڪڍيو ته عدالت مان اسٽي آرڊر کڻي آيو،.
سندس چوڻ هو ته ٻاهران وفد آيو، هڪ وي سي هوٽل ۽ ٽڪيٽ جا پيسا به کائي ويو، ڪيترن ئي وائس چانسلرن ڪم ٺيڪ نه ڪيو پر هو کين به ڪڍي نه سگهيو، هاڻي ٻڌايو وڃي ته قانون تبديل ٿيڻ گهرجي يا نه؟
وڏي وزير چيو ته سنڌ جي قانون تحت شيخ اياز، جميل جالبي ۽ نثار صديقي جهڙا ماڻهو وائس چانسلر نه ٿا ٿي سگهن ته ڇا کين قانون تبديل ڪرڻ گهرجي يا نه.
هن چيو ته پڙهائڻ استادن جو ڪم آهي ۽ قانونسازي اسيمبلي جو ڪم آهي.
سندس چوڻ هو ته کين چيو پيو وڃي ته هنن ڪامورن کي وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جو رستو صاف ڪيو آهي، ايئن ناهي.
وڏي وزير چيو ته پروفيسر به بااختيار آهن، ڀرپور مقابلو ڪن، کين ڪنهن روڪيو آهي پر کين درست شخص جي مقرري جو اختيار ته هئڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن هو پي ايڇ ڊي هولڊر کي چوي ته 17 هين جي ايڊمنسٽريٽو سروسز جوائن ڪري ته فوري اچي ويندو.
سندس چوڻ هو ته گهڻي قدر وائس چانسلرن کي ايڊمنسٽريٽو تجربو ناهي يونيورسٽين کي تباهه ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.
سندس چوڻ هو ته وائس چانسلرن جي نئين ڪرائيٽيريا بابت فيڊرل ايڇ اي سي خط لکيو آهي، افسوس آهي ته خط پهريون ميڊيا کي مليو کيس بعد ۾ مليو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايڇ اي سي يونيورسٽين جي استادن کي ڀڙڪائي رهي آهي، ڪنهن به صورت ۾ اهڙي سياست ٿيڻ نه ڏني ويندي.
هن چيو ته حڪومت پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي سگهي ٿي، اسيمبلي جيڪو به معيار مقرر ڪندي حڪومت عمل ڪندي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته وائس چانسلر پنهنجي يونيورسٽين کي سنڀالين،
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آٽو ميشن سبب ڪيتريون ئي نوڪريون ختم ٿي ويون آهن، سڀاڻي وڏي وزير ۽ وائس چانسلرن جي به ضرورت نه هوندي.
هن چيو ته سڀني کي سوچڻو آهي ته ٻارڙن کي ڪيئن اڳتي وڌڻو آهي، انڊسٽري ۽ اڪيڊمي جو رابطو وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورت موجب تيار ڪرڻو پوندو.- Advertisement -
