سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چوماسي جي جاري برساتن تي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته چوماسي جي برساتن دوران عوام جي ڀرپور رهنمائي ڪئي وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هيٺاهين وارن علائقن ۽ اهم روڊن رستن تان پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صحت کاتو، لاڳاپيل مڪاني ادارا، سولڊ ويسٽ مينجنٽ ۽ ريسڪيو متحرڪ رهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جا ڪمشنر قدمن جو جائزو وٺن.
وڏي وزير حڪم ڏيندي چيو ته سمورا ڪمشنر پنهنجي ڊويزنن جي هر ضلعي جو دورو ڪن ۽ هدايتون جاري ڪن.