تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪارڪنن جي تجويزن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪارڪنن جي تجويزن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ترقياتي منصوبا عوام جي امانت هوندا آهن، ترقياتي اسڪيمن جي تياري کانپوءِ حفاظت ڪرڻ سڀني جو فرض آهي، مڪاني نظام تحت عوامي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ڊويزن جي چئن ضلعن جو اجلاس ٿيو. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شوري، سعيد غني، علي حسن زرداري، مخدوم محبوب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو آهي، ڪارڪنن جي تجويزن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا،  حيدرآباد ۾ هن وقت 62 هزار 783ملين رپين جون 239 اسڪيمون هلي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته هن سال حيدرآباد جي 239 اسڪيمن لاءِ 17 هزار 26 ڏهائي 7 ملين رپيا رکيا ويا آهن،  مٽياري ۾ 15 هزار 943 ڏهائي 9 ملين رپين جون 106 اسڪيمون جاري آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن سال مٽياري جي 106 اسڪيمن لاءِ 4 هزار 904 ڏهائي 254 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ٽنڊي الهيار ۾ 15 هزار 852 ڏهائي 8 ملين رپين جون 95 اسڪيمون جاري آهن، هن سال ٽنڊي الهيار جي 95 اسڪيمن لاءِ 4 هزار 492 ڏهائي 291 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ٽنڊي محمد خان لاءِ 15 هزار 852 ڏهائي 8 ملين رپين جون 87 اسڪيمون جاري آهن، ٽنڊي محمد خان جي 87 اسڪيمن لاءِ هن سال 3 هزار 646 ڏهائي 356 ملين رپيا رکيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ترقياتي منصوبا عوام جي امانت هوندا آهن، ترقياتي اسڪيمن جي تياري کانپوءِ حفاظت ڪرڻ سڀني جو فرض آهي. مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد ڊويزن جي ترقي کانسواءِ سمورا مسئلا اوهان جي حڪومت  حل ڪندي، شڪايتن جي ازالي لاءِ هو پنهنجي وزيرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي گڏ وٺي  آيو آهي، سمورن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ ڪم ڪن، مڪاني حڪومتن جي نظام تحت مڪاني ادارن جا مسئلا مقامي سطح تي حل ڪيا ويندا. اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪندڙن کي اسڪيمن لاءِ تجويزون جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي لطيف آباد ۾ سينٽر فار آٽزم ريهيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي ريڊ ڪريسنٽ اسپتال آمد تي نينگر کيس گلدستو ڏئي آڌرڀاءُ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  2018ع ۾ سينٽر فار آٽزم ريهيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ قائم ڪيو ويو، سي  آرٽس انسانيت جي خدمت جي جذبي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته  سي  آرٽس تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي، 2018 ۾ صوبي ۾ رڳو هڪ آٽزم سينٽر هو ۽ هاڻي 6 آهن، جتي 600 ماڻهو تربيت هيٺ آهن، آٽزم ۾ مبتلا ٻارن، نوجوانن ۽ ٻين کي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي تربيت به ڏني وڃي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  هو هن اداري جي عظيم خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، خاص طور تي گمبٽ پروگرام جو ذڪر ڪرڻ چاهي ٿو، جتي آٽزم ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ بچپن کان وٺي بالغ ٿيڻ تائين بحالي جون خدمتون مهيا ڪن ٿا، سي  آرٽس هاڻي تعليم ۽ مهارت جي تربيت سان روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيو آهي…………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون