- Advertisement -
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ اڄ ورتي ويندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ٽيسٽ لاءِ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
ايم ڊي ڪيٽ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ٽيسٽ وارن علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
آءِ بي اي سکر پاران ٽيسٽ بابت اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي.
انٽري پوائنٽ پوليس ٽريننگ اسڪول جي مين گيٽ تان هوندي.
انتظاميه پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ به ٽيسٽ ورتي ويندي.
انٽري پوائنٽ بينڪ واري پاسي مين گيٽ کان هوندي.
انتظاميه موجب والدين جي ويهڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا ويا آهن.
قائد عوام يونيورسٽي شهيدبينظيرآباد ۾ به ٽيسٽ ورتي ويندي.
انٽري ڪوئسٽ سڪرنڊ روڊ شهيدبينظيرآباد جي مين گيٽ تان هوندي.
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي ورتي ويندي
آءِ بي اي سکر پاران ٽيسٽ بابت اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
آءِ بي اي موجب اميدوار موبائيل فون ۽ سمارٽ ڊوائيس نه کڻي اچن.
انتظاميه جو چوڻ آهي ته اميدوار سڃاڻپ ڪارڊ، ميٽرڪ ۽ انٽر جي مارڪ شيٽ کڻي اچن، اميدوار پنهنجي اصل ايڊمٽ سلپ ضرور کڻي اچن.- Advertisement -
