- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ديني مدرسن کي مسلسل دٻاءَ ۾ رکيو پيو وڃي، حڪمرانن تي هاڻي ڪنهن به قسم جو اعتماد نه رهيو آهي، مدرسن کي اسٽيبلشمينٽ يا ڪامورا شاهي جي همدردي جي ڪابه ضرورت ناهي، ديني مدرسن کي تشدد ۽ انتها پسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي، هو مدرسن جي بقا چاهن ٿا.
نوشهره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نوجوانن جي دل ۽ دماغ ۾ اهو دين شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو اولهه کي قبول هجي، مدرسن جي رجسٽريشن نه ڪرائڻ جي ڪوشش به ان ايجنڊا جو حصو آهي.
هن چيو ته مدرسن کي اسٽيبلشمينٽ يا ڪامورا شاهي جي همدردي جي ڪابه ضرورت ناهي، ديني مدرسن کي تشدد ۽ انتها پسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو مدرسن کي حڪومت جي قبضن کان آزاد ڪرائڻ چاهن ٿا، رياست سان ويڙهه نٿا چاهن رڳو مدرسن جو تحفط گهرجي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو حڪومت کي ٻڌائڻ چاهن ٿا ته مدرسن کي دهشتگردي سان ڳنڍيو پيو وڃي، حڪومت مدرسن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جو بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاش ٿيو پر صدر آصف علي زرداريءَ رد ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
