تازه ترين

سنڌ جي گهڻ گهرن ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي سنڌ سان دشمني قرار ڏيندي وفاق کان ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

- Advertisement -
سنڌ جي گهڻ گهرن ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي سنڌ سان دشمني قرار ڏيندي وفاق کان ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام هاٽ اشو ۾ ڳالهائيندي ناليواري تجزئي نگار مير مظهر ٽالپر چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌي قوم سان دشمني آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ٺاهي وڃن، سنڌوءَ ۾ اڳ ئي پاڻي موجود ناهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي ڦــُـڙيَ لاءِ سِڪندا. مير مظهر ٽالپر چيو ته  سنڌ واسين ۽ قومپرست پارٽين کي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ گهرجي. پروگرام دوران ڳالهائيندي پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته وفاق سنڌ ۾  به بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو مقصد سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌي قوم جيئن ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو ائين ئي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي به رد ڪندي. پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته سڃان ڌرين سميت سنڌ جي هر فرد کي گهرجي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٻاهري سخت رد عمل ڏين جيئن وفاق اهڙو فيصلو واپس وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون