تازه ترين

سنڌ جي گهڻ گهرن ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي سنڌ سان دشمني قرار ڏيندي وفاق کان ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

سنڌ جي گهڻ گهرن ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي سنڌ سان دشمني قرار ڏيندي وفاق کان ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام هاٽ اشو ۾ ڳالهائيندي ناليواري تجزئي نگار مير مظهر ٽالپر چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌي قوم سان دشمني آهي.

هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ٺاهي وڃن، سنڌوءَ ۾ اڳ ئي پاڻي موجود ناهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي ڦــُـڙيَ لاءِ سِڪندا.

مير مظهر ٽالپر چيو ته  سنڌ واسين ۽ قومپرست پارٽين کي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ گهرجي.

پروگرام دوران ڳالهائيندي پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته وفاق سنڌ ۾  به بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو مقصد سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ آهي.

هن چيو ته سنڌي قوم جيئن ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو ائين ئي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي به رد ڪندي.

پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته سڃان ڌرين سميت سنڌ جي هر فرد کي گهرجي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٻاهري سخت رد عمل ڏين جيئن وفاق اهڙو فيصلو واپس وٺي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
12 %
1.5kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون